صاحب محل

صاحب محل

صاحب محل

صاحب محل: هيءُ محل، ٽنڊي باگي جي مشهور زميندار مير خدا بخش ٽالپر پنهنجي گهر واريءَ ‘صاحب خاتون’ جي ياد ۾ 1947ع ڌاري تعمير ڪرايو. ٽنڊي باگي جي ديهه نار ۽ کڏڙي ڳوٺ ويجهو قائم هيءَ ٽي منزله خوبصورت عمارت سڄي بدين ضلعي ۾ تعميرات جو شاهڪار نمونو آهي. صاحب خاتون، بدين جي مقامي زميندار مير خدا بخش ٽالپر جي دوست بچو خان ڪورائيءَ جي نياڻي هئي، جنهن سان مير خدا بخش شادي ڪئي. ان گهرواريءَ مان مير صاحب کي پهرين نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، جيڪا کير پياڪ هوندي ئي گذاري وئي ۽ سندس ننڍڙي مزار محل اندر پهرين منزل تي آهي، جنهن تي قرآني آيتون ۽ وفات جي تاريخ (جنم: 9 اپريل 1950ع ۽ وفات 8 آگسٽ 1950ع) درج ٿيل آهي. مير صاحب کي ڪل ٽي گهرواريون هيون، جن مان هر هڪ لاءِ الڳ گهر تعمير ڪرايائين. مير خدا بخش ٽالپر، مشهور تعليمي ۽ سماجي اڳواڻ مير غلام محمد ٽالپر جو سؤٽ ۽ پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هو. وٽس 30000 ايڪڙ زرعي زمين هئي. پاڻ مير لامبٽ (Lambut) جي نالي سان پڻ مشهور هو. (لامبٽ، انگريز دور ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو) هن محل جو اڳيون حصو چئن گنبذن سان سينگاريل آهي، هر هڪ گنبذ هڪ هڪ منزل جي ٻنهي ڪنڊن تي واقع آهي. ساڳيءَ ريت هر حصي ۾ هڪ جهڙيون چار ڇڄاريون ڏنل آهن، جن جي تعداد اٺ آهي. هر ڇڄاري جي جوڙي ٻي ڇڄاري سان ڳنڍيل آهي. محل جي ڀرسان لاهور واري شاليمار باغ جهڙو باغ پڻ هو، جيڪو بي ڌياني ۽ سار سنڀال نه هئڻ ڪري ختم ٿي ويو، پر اتي تعمير ڪيل پاڻيءَ جو حوض، هڪ ڪمرو ۽ تفريح لاءِ ڇڄو اڃان به موجود آهي. هن محل جي ٽنهي منزلن تي ڪيترائي ڪمرا ٺهيل آهن. هن عاليشان ٽماڙ ڌوراڙي جي هيٺين ٻنهي منزلن جي مهاڙيءَ وارين ڪنڊن تي برج نما ٻه ٻه ڪمرا هڪ ٻئي مٿان ٺهيل آهن. تر واري ڪمري جي وچ تي سامهون دروازو آهي ۽ ڇت جي سنوت کان مٿي واريءَ تي سوزنڪاري واري (غروقي) گنبذ نيلڪ سان آهي. وچ تي ورانڊو پيل پاون تي آڌاريل آهي. آخري منزل وارو ڪمرو منظرگاهه طور شامل ڪيل آهي. پيل پاون جي چوٽيءَ تي تاج ٺهيل آهي. ٻئي ۽ ٽئين پيل پائي جي وچ تي مٿي سينگار لاءِ سادو چٽ ٺاهي ان تي انگريزي اکر M ڳاڙهن اکرن سان لکيو ويو آهي، هر هڪ گنبذ ڇت تي ٺهيل آهي، جيڪو اٺ ڪنڊو آهي. گنبذ جي ڳچ (Drum) کي وڏو ڪري اتي به ڪمرو ٺاهيو ويو آهي. چوڌاري ٻيڙٻني تي سفيد سيمينٽ جون ڄاريون ڏئي مٿيون ڇت وارو حصو سينگاريو ويو آهي. ٽين منزل تي سامهون ڄارين جي وچ تي ڇت ناهي، وچ تي ڳاڙهو چنڊ تارو ٺاهيو ويو آهي. ٽين منزل تي ننڍي اڏاوت جو ڪمرو ٺهيل آهي. محل ۾ بي شمار ڪاٺ جا دروازا آهن، جن ۾ رنگين شيشا نصب ٿيل آهن، جڏهن ته سڄي عمارت ۾ ٽائيلز سان فرشبندي ڪيل آهي.موجوده وقت ۾ هن محل جو قانوني مالڪ مير لامبٽ جو پوٽو مير ابوبڪر خان ٽالپر آهي، جيڪو پنهنجي خاندان سان گڏ هتي رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو